براؤزنگ تازہ ترین
تازہ ترین
اپوزيشن ليڊر سان هٿ ملائڻ جو مطلب ڪرپشن قبول ڪرڻ آهي: وزيراعظم
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي ٻه خاندانن سان ذاتي ويڙهه ناهي، انهن سان دوستي هوندي هئي.
هڪ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو سڀ چوندا آهن ته توهان ٻن وڏن خاندانن جي پويان پيل آهيو، ٻن خاندانن سان ذاتي ويڙهه…
ناظم جوکيو قتل ڪيس: رهيل 2 جوابدار اڄ شام تائين گرفتار ٿي ويندا: ايم پي اي ساجد جوکيو
ڌاٻيجي: پيپلزپارٽي جي ملير مان چونڊيل ايم پي اي ساجد جوکيو چيو آهي ته نوجوان ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن مان 3 ڄڻا گرفتار ٿي چڪا آهن، رهيل 2 جوابدار به اڄ شام تائين گرفتار ٿي ويندا. نوجوان جي قتل ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جو ايم پي…
وڏي وزير جي حڪم تي ايم پي اي خلاف ڪيس داخل ٿيو: سعيد غني
ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي تي سخت ڏک پهتو آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير ان جو فوري نوٽيس وٺندي حڪم ڏنو ته مقتول جي وارثن جي خواهش مطابق ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي ۽ هو جنهن جي به خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ان…
سنڌ ڪابينا جو اجلاس: ڪمند جو اگهه اڍائي سئو روپيا في مڻ مقرر
ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪمند جو اگهه اڍائي سئو روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ ڪريشنگ سيزن 15 نومبر کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو
سنڌ ڪابينا صوبي جي ڪاليجز ۾ پروفيسرز ۽ ليڪچررز جي کوٽ…
ڪورونا جي چوٿين لهر وڌيڪ 19 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 580 نوان ڪيس رپورٽ
اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 19 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 496 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 75 هزار 158 ٿي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24!-->…
سنڌ ۾ لڳل ٻوٽو ٻڪري کائي ويندي آهي، حڪومت وڻن تي ڪو خرچ نه ڪيو:سپريم ڪورٽ
اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد خيبر پختونخواهه جي ٻيلي کاتي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي ميڊيا جون رپورٽون ڏيکاري اسان کي متاثر نه ڪيو.
سپريم ڪورٽ ۾ وڻڪاري بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٿي.…
اسان کي پيٽرول وڌيڪ مهانگو ڪرڻو پوندو: وزيراعظم
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن جي ڏسندي اسان کي ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو ڪرڻو پوندو.
قوم سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فلاحي پروگرام جو افتتاح ڪري رهيا آهيون،…
اپوزيشن جماعتون ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهي ناڪاري سياست ڪري رهيون آهن: شيخ رشيد
لاهور: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي، موجوده حالتن ۾ اپوزيشن جماعتون ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهي ناڪاري سياست ڪري رهيون آهن.
شيخ رشيد پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان لاهور ۾…
زراعت کاتو ڪمند اگهه بابت پاسما سان متفق، 228 رپيا مڻ رکڻ جي سفارش
ڪراچي: سنڌ حڪومت، آبادگارن ۽ پاسما ۾ ڪمند جي اگهن وارو معاملو نه نبريو، پاسما جي مطالبي بعد زراعت کاتي به ڪمند اگهه 225 کان 228 رپين تائين مقرر ڪرڻ جون تجويزون سنڌ ڪابينا ڏانهن اماڻي ڇڏيون، ڪمند جي اگھن ۽ شگر ملون چالو ٿيڻ واري معاملي تي…
ڇھ سيڪڙو ڪميشن کپي: ملڪ جي 6000 پيٽرول پمپن پاران جمعي تي هڙتال جو اعلان
ڪراچي: پاڪستان پيٽروليم ڊيلر ايسوسيئشن جمعي 5 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته کين پيٽروليم مصنوعات تي 6 سيڪڙو منافعو (ڪميشن) ڏنو وڃي، ان ڏس ۾ پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئشن جي چيئرمين عبدالسميع ۽…