بوگوٽا: ڪولمبيا ۾ 7.4 شدت جي شديد زلزلي وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 164 ڄڻا فوت ۽ 570 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. اختيارين موجب اهو گذريل ڏهاڪي دوران ملڪ ۾ رڪارڊ ڪيل سڀني کان وڌيڪ طاقتور زلزلو آهي.
ڪولمبيا جي ايسوسيئيشن آف ڪيپيٽل سٽيز موجب زلزلي کان پوءِ فوتگين جو انگ 164 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته 570 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. اختيارين امڪان ظاهر ڪيو آهي ته امدادي ڪارروائين جي دوران ملبي مان وڌيڪ لاش ۽ زخمي ماڻهو ملي سگهن ٿا جنهن سبب فوتگين ۾ اضافو به ٿي سگهي ٿو.
زلزلي جو مرڪز مغربي ڪولمبيا جي علائقي مان خوسي ڊيل پالمار ۾ ٻڌايو ويو آهي، جيڪا راڄڌاني بوگوٽا کان تقريبن 150 ميل مغرب ۾ واقع آهي، اهو علائقو نسبتن گهٽ ترقي يافته آهي، زلزلي جي شديد جهٽڪن سبب ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو آهي.
زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون جڏهن ته هڪ اسپتال جي ٻارن ۽ تازن ڄاول ٻارن جا شعبا به متاثر ٿيندڙ عمارتن ۾ شامل آهن. امدادي ڪارڪن ملبي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڳولا ڪرڻ ۽ انهن کي زنده ڪڍڻ جي لاءِ مسلسل ڪارروايون ڪري رهيا آهن. فوجي اهلڪارن کي به امدادي سرگرمين ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ٻين هنگامي ڪارروائين کي تيز ڪري سگهجي.
ڪولمبيا جي حڪومت زلزلي کان پوءِ ملڪ ۾ قومي آفت جو اعلان ڪيو ويو آهي، اختيارين موجب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائين سان گڏوگڏ زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جا انتظام ڪيا پيا وڃن. زلزلي جا شديد جهٽڪا ڪولمبيا جي راڄڌاني بوگوٽا ۾ به محسوس ڪيا ويا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، ڪيترائي ماڻهو احتياطن عمارتن مان نڪري روڊن تي اچي ويا.
راڄڌاني ۾ مختلف هنڌن تي الارم به وڄايا ويا، جڏهن ته شهرين عمارتن کان ٻاهر نڪري محفوظ هنڌن جو رخ ڪيو. اختيارين ۽ امدادي ادارن شهرين کي احتياط ڪرڻ ۽ متاثر عمارتن ۾ داخل نه ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته آفٽر شاڪس جي امڪان کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو ٽيمون به الرٽ آهن.
زلزلي جي شدت ۽ انهي سبب ٿيل نقصانن کي نظر ۾ رکندي امدادي ڪارروايون جاري آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ نقصانن جو حتمي اندازو لڳائڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔