آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد ڀاڙا وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٻيهر سموري ملڪ ۾ هڙتال جي به ڌمڪي

ڪراچي:  آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد 5 سيڪڙو ڀاڙا وڌائڻ جو اعلان ڪندي مقرر مدي ۾ مطالبن تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ٻيهر سموري ملڪ ۾ هڙتال جي ڌمڪي به ڏئي ڇڏي.

صدر آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد ملڪ شهزاد اعواڻ وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي سموري پاڪستان جا ٽرانسپورٽرز مذمت ڪن ٿا اسان 5 سيڪڙو گڊز ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌائڻ جو اعلان ڪريون ٿا.

ملڪ شهزاد اعوان چيو ته گذريل 17 0ينهن ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 روپيه في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 20 روپيه 36 پئسا اضافو ڪيو ويو، حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني جي بنياد تي تبديلي جو فيصلو قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، انهي کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي.

هن چيو ته 8 آگسٽ کان 17 آگسٽ تائين ٿيل سموري ملڪ ۾ هڙتال جي دوران پيٽروليم واري وزير پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني تبديلي نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي يقين ڏيارڻ تي اسان  سموري ملڪ ۾ هڙتال 40 ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪئي هئي.

ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته اسان جا ڪجهه مطالبا مڃيا ويا آهن، ٻين تي به عمل جاري آهي پر  ڪيترائي مطالبا اڃان تائين التوا جو شڪار آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن 40 ڏينهن جو وقت گهريو هو. مقرر مدي ۾ اسان جي مطالبن تي بهتر اڳڀرائي نه ٿي ته ٻيهر سموري ملڪ ۾ هڙتال جو رستو اختيار ڪنداسين.

هن چيو ته گڊز ٽرانسپورٽرز کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان اڃان تائين ڪوبه موثر رليف نه پيو ڏنو وڃي. ڊسمبر ۽ آگسٽ جي ملڪ گير هڙتالن جي دوران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گڊز ٽرانسپورٽرز سان جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن تي به فوري ۽ مڪمل  عمل ڪيو وڃي.

صدر آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جو چوڻ هو ته حڪومت تي واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته گڊز ٽرانسپورٽرز وڌيڪ معاشي بار برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل هيٺ مٿانهين سان نه صرف ٽرانسپورٽرز پر  سموري  ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جون قيمتون به متاثر ٿينديون آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔