براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

سعودي عرب، دهشتگردي جي الزام ۾ 3 ڄڻن کي موت جي سزا

رياض: سعودي عرب ۾ دهشتگردي جي الزامن ۾ ڏوهي ثابت ٿيڻ کان پوءِ ٽن ماڻهن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.سعودي ميڊيا موجب، موت جي سزا ٻڌايل ماڻهن ۾ حسين بن سالم بن محمد العمري، سعود بن حليل بن سعود العنزي ۽ بسام محسن مران السبائي شامل آهن.…

ايران جي معاملي تي سڀ آپشن کليل آهن، وائيٽ هائوس

واشنگٽن: وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين لوٽ چيو آهي ته ايران جي معاملي تي سڀ آپشن کليل آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن ايران ۾ قتل عام جاري رهيو ته سنگين نتيجا نڪرندا، ايران ۾ 800 موت جي سزا روڪي وئي آهي، صدر…

ايراني هوائي حدون هر قسم جي پروازن لاءِ عارضي طور تي بند

تهران :ايران پنهنجي هوائي حدون هر قسم جي پروازن لاءِ بند ڪري ڇڏيون آهن، صرف بين الاقوامي پروازن کي اجازت سان هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي اها صلاح، جيڪا اڍائي ڪلاڪن لاءِ لاڳو هئي، ان کي وڌيڪ ٽن ڪلاڪن لاءِ وڌايو ويو آهي، جيڪا…

ايران ۾ پرتشدد احتجاج بند ، بين الاقوامي ڪالون بحال

تهران:  ايران ۾ پرتشدد احتجاج بند ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ بين الاقوامي ڪال سروسز بحال ڪيون ويون آهن.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، احتجاج بند ٿيڻ جي باوجود، ايران ۾ انٽرنيٽ سروس اڃا تائين بند آهي. آمريڪي انساني حقن جي تنظيم دعويٰ…

آمريڪا پنهنجي شهرين کي فوري طور تي ايران ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي

واشنگٽن: (اڱارو: 13 جنوري 2026ع) آمريڪا پنهنجي شهرين کي فوري طور تي ايران ڇڏڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڇو ته سموري ملڪ ۾ جاري احتجاج روزاني  شدت اختيار ڪري رهيا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ حالتون پرتشدد ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. …

ٽرمپ جو انجام فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه جهڙو ٿيندو: آيت الله خامنائي

تهران:  ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي چيو آهي ته فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهوئي ٽرمپ سان ٿيندو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ آيت الله خامنائي چيو ته غرور ۾ ٻڏل هڪ شخص سموري دنيا جا فيصلا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته…

ايران ۾ شهرين جي قتل تي چپ نه رهنداسين، صدر ٽرمپ

واشنگٽن:آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران جي صورتحال تي نظر رکيو ويٺو آهي، ۽ جيڪڏهن ايران ۾ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ته آمريڪا مداخلت ڪندو. هڪ بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايراني حڪومت سالن کان پنهنجي عوام سان خراب سلوڪ ڪندي رهي آهي،…

ڪنهن به ملڪ تي فوجي حملي جو حڪم ڏيڻ جو اختيار آهي، ٽرمپ

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس دنيا جي ملڪن خلاف آمريڪي فوجي حملي يا جارحيت جو حڪم ڏيڻ جو پورو اختيار آهي.هڪ بيان ۾، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان، مان اهو آهيان جيڪو منهنجي اختيار جي حد جو…

آمريڪا کان سواءِ نيٽو بي وس آهي، چين ۽ روس به اسان کان ڊڄندا آهن: صدر ٽرمپ

واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي بيان ڏيندي چيو آهي ته چين ۽ روس صرف آمريڪا کان ڊڄندا آهن ۽ اسان جي عزت ڪندا آهن، نيٽو کان سواءِ عالمي طاقتون بي خوف ٿي وينديون. ٽرمپ چيو ته آمريڪا هميشه نيٽو جي لاءِ موجود رهندو چاهي نيٽو…

ايران ۾ مهانگائي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري، فوتين جو انگ 35 ٿي ويو، 1200 کان وڌيڪ گرفتار

تهران:  ايران ۾ مهانگائي ۽ ڪرنسي جي قيمت ۾ گهٽتائي جي خلاف احتجاجي مظاهرا لاڳيتو 10 ڏينهن کان جاري آهن. مختلف شهرن  ۾ٿيل چڪرين جي دوران فوتين جو انگ 35 تائين پهچي ويو آهي جڏهن سوين ماڻهو زخمي ۽ گرفتار ڪيا ويا آهن. آمريڪي ميڊيا موجب…