براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

يورپ جي ايران تي پابندين جي حمايت، دنيا ۾ اناج جي قيمتن ۾ واڌ

ڪراچي: ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وقفي وقفي سان هڪٻئي تي حملا جاري آهن. ان دوران جمعي تي دنيا ۾ ڪجهه اڳڀرايون ٿيون آهن، جن جو اسين تفصيل پيش ڪري رهيا آهيون. ايران تي معاشي پابندين جي يورپي يونين پاران حمايت جو اعلان آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ…

نيپال ۾ ٻوڏ سبب فوتگيون 469 ٿي ويون، حڪومت ٻين ملڪن کان مدد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

کٽمنڊو:  نيپال ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 469 تائين پهچي ويو جڏهن ته سوين ماڻهو اڃان تائين گم آهن. امدادي اداري ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ خبردار ڪيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي. ادارن جو چوڻ…

ايران تي معاشي پابندين تي عمل لاءِ ٽرمپ جا مختلف ملڪن سان رابطا ۽ ايران جي ڌمڪي

ڪراچي: آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ سومر ڏينهن انهن ملڪن خلاف نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، جيڪي ايران سان پنهنجا معاشي لاڳاپا ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندا، پر هن فوري طور تي وڏيون نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪيو. اهو بيان اهڙي…

يورپي يونين اسرائيل جي اي ون آبادڪاري واري منصوبي جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي

نيويارڪ:  يورپي يونين اسرائيل جي اي ون آبادڪاري واري منصوبي جي مخالفت ڪندي اسرائيلي حڪومت کان منصوبي جو ٽينڊر واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي اسرائيل جي اي ون مغربي ڪناري جي آبادڪاري واري منصوبي جي مخالفت…

اڄ کان ايران جي خلاف وڏي پيماني تي اقتصادي ڪارروايون شروع ڪري رهيا آهيون: آمريڪي ناڻي وارو وزير

واشنگٽن:آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا اڄ کان ايران جي خلاف وڏي پيماني تي اقتصادي ڪارروائي شروع ڪري  رهيو آهي. آمريڪي ناڻي واري وزير موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فوجي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ايران جي فوجي صلاحيتن کي سخت…

بنگلاديش به پاڪستان، ترڪيه ۽ سعوديه جي دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: بنگلاديش به پاڪستان، ترڪيه ۽ سعوديه جي گڏيل دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. بنگلاديشي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب بنگلاديشي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار همايون ڪبير انٽرويو ڏيندي چيو ته بنگلاديش، سعودي عرب،…

آمريڪا جو قرض 40 ٽريلين ڊالر کان وڌي ويو، مالي بحران جو خدشو

واشنگٽن: آمريڪا جو مجموعي سرڪاري قرض پهريون ڀيرو 40 ٽريلين ڊالر کان وڌي ويو آهي. آمريڪي خزاني واري کاتي اربع ڏينهن اها ڳالهه ٻڌائيندي خبردار ڪيو ته ملڪ ۾ مالي بحران جا خدشا وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ قرض تي وياج جي…

اسان تي دٻاءُ وجهي آمريڪا رعايتون حاصل نٿو ڪري سگهي: ايران

تهران : ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته هڪ وري فوجي ائڪشن ذريعي سفارتڪاريءَ جي تڪميل جو وقت اچي ويو آهي. ايران تي دٻاءُ وڌائي آمريڪا اهي رعايتون حاصل نٿو ڪري سگهي جيڪي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جو حصو نه…

وائيٽ هائوس جو سي اين اين جي رپورٽر تي لفظي حملو

ڪراچي: وائيٽ هائوس سومر ڏينهن سي اين اين جي رپورٽر تي سخت تنقيد ڪئي، جڏهن هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس هڪ معاون جي لاڳاپن بابت سوال ڪيو. اهو عورت صحافين خلاف حملن جي تازي سلسلي جو هڪ ٻيو واقعو آهي. اوول آفيس ۾ هڪ تقريب دوران رپورٽر…

آمريڪا جي معاهدي جي خلاف ورزين سبب 60 ڏينهن جي مهلت بي معنيٰ آهي، بقائي

تهران: ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين لاءِ مقرر ڪيل 60 ڏينهن جي مهلت واشنگٽن طرفان مفاهمتي يادداشت جي ”واضح ڀڃڪڙين“ سبب هاڻي پنهنجي اهميت وڃائي چڪي آهي. ايران جي پرڏيهي وزارت خليج جي پاڻيءَ ۾…