ايران تي معاشي پابندين تي عمل لاءِ ٽرمپ جا مختلف ملڪن سان رابطا ۽ ايران جي ڌمڪي

ڪراچي: آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ سومر ڏينهن انهن ملڪن خلاف نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، جيڪي ايران سان پنهنجا معاشي لاڳاپا ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندا، پر هن فوري طور تي وڏيون نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪيو. اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ڪرنسي جي قدر تي نظر رکندڙ ويب سائيٽن موجب ايران جي ڪرنسي ريال اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ رڪارڊ گهٽ سطح تي پهچي وئي آهي ۽ هڪ ڊالر جي قيمت 20 لک ريال کان به وڌي وئي آهي.
پابندين جي ڌمڪين بابت اهم ڳالهيون:
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا جي اڳواڻن کي فون ڪري خاص مطالبا ڪري رهيو آهي ته اهي تهران کي معاشي طور اڪيلو ڪرڻ جي آمريڪي انتظاميا جي ڪوششن ۾ واشنگٽن سان سهڪار ڪن. اسڪاٽ بيسنٽ موجب صدر مختلف عالمي اڳواڻن سان ان معاملي تي رابطا ڪري رهيو آهي.
ناڻي واري وزير پابندين جي ڪا ڊيڊ لائين ناهي ڏني
بيسنٽ انهن ملڪن جا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو، پر ماهرن سي اين اين کي ٻڌايو ته چين، ڀارت، ترڪي، عراق ۽ گڏيل عرب امارات آمريڪي ڪارروائي جي سڀ کان وڌيڪ خطري هيٺ ٿي سگهن ٿا. آمريڪا اڳ ئي ايران جي تيل جي وڪري کي نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ اهڙي ناڪابندي لاڳو ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ايران جو بين الاقوامي خريدارن، خاص طور تي چين ڏانهن، جيڪو ايران جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار آهي، تيل برآمد ڪرڻ تمام گهٽجي ويو آهي. بيسنٽ اهو ٻڌائڻ کان به انڪار ڪيو ته ڇا آمريڪا چيني بئنڪن کي پابندين جو نشانو بڻائڻ لاءِ تيار آهي يا نه. ناڻي واري وزير انهن گروهن کي به سزا ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني، جيڪي ايران کي رقمون مني لانڊرنگ ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. هن چيو ته اهڙن گروهن کي آمريڪي مالي نظام مان خارج ڪيو ويندو. بيسنٽ چيو ته عوام کي هن هفتي جي آخر تائين ڪنهن نامعلوم مالي اداري خلاف وڏين پابندين جي اعلان جي توقع رکڻ گهرجي.
باقر قاليباف جو رد عمل
بيسنٽ جي اعلان کانپوءِ ايران جي اعليٰ ڳالهين ڪندڙ محمد باقر قاليباف چيو ته آمريڪا اهڙي معاشي پوزيشن ۾ ناهي، جنهن جي بنياد تي هو ٻين ملڪن سان ايران جا لاڳاپا محدود ڪري سگهي. ايران جي ناڻي واري وزير علي مدني زاده چيو ته تهران آمريڪي پابندين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ”مڪمل طور تي تيار“ آهي.
خطي جون ٻيون اهم خبرون:
پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سومر ڏينهن ايراني اختيارين سان ملاقات ڪئي. ايران جي سلامتي واري سربراهه محسن رضائي عاصم منير کي ٻڌايو ته آمريڪا کي ”پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ گهرجي“ ۽ مفاهمتي يادداشت جي شرطن تي عمل لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن.
عمان جو پرڏيهي وزير سيد بدر البوسعيدي اڱاري ڏينهن تهران جو دورو ڪندو، جتي هو آبنائي هرمز ۽ خطي جي ٻين تازين اڳڀرائين بابت ڳالهائيندو.
سعودي عرب جي قومي شپنگ ڪمپني چيو آهي ته سندس هڪ آئل ٽينڪر ڳاڙهي سمنڊ ۾ ”سيڪيورٽي واقعي“ جو شڪار ٿيو. اهو واقعو ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ پيش آيو، جڏهن يمن جي ايران نواز حوثي باغين دعويٰ ڪئي ته هنن ميزائل حملي ذريعي جهاز کي نشانو بڻايو هو.
برطانيا جي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز (UKMTO) موجب هڪ نامعلوم شئي عمان جي اش شيشاه واري علائقي کان تقريبن 9 ناٽيڪل ميل اتر اوڀر ۾ هڪ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي ان کي بيڪار ڪري ڇڏيو.
ايران نيٽو جي ميمبر بلغاريا کي خبردار ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين کي اسرائيل يا آمريڪا جي فوجي ڪارروائي لاءِ استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏئي.
ان دوران آمريڪا شام کي دهشتگردي جي سرپرست رياست قرار ڏيڻ واري پنهنجي حيثيت به باضابطه طور ختم ڪري ڇڏي آهي.
آئل ٽينڪر تي حملي بابت وڌيڪ تفصيل
برطانيا جي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز موجب، عمان جي اش شيشاه کان تقريبن 9 ناٽيڪل ميل اتر اوڀر ۾ هڪ نامعلوم شئي ٽينڪر سان ٽڪرائجي ان کي بيڪار ڪري ڇڏيو. UKMTO موجب ٽينڪر جو انجڻ وارو ڪمرو نقصان پهتو، پر جهاز جو عملو محفوظ رهيو. تنظيم موجب هن واقعي جي ماحولياتي اثرن بابت اڃا تائين ڪا ڄاڻ ناهي. UKMTO چيو ته جهازن کي احتياط سان سفر ڪرڻ ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي بابت UKMTO کي اطلاع ڏيڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. اختيارين واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن.
ايران جو آمريڪي پابندين کي منهن ڏيڻ جو عزم
ايران جي ناڻي واري وزير علي مدني زاده سومر ڏينهن سرڪاري اسلامڪ ريپبلڪ آف ايران نيوز نيٽ ورڪ (IRINN) کي ٻڌايو ته تهران انهن ملڪن خلاف آمريڪي پابندين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ”مڪمل طور تي تيار“ آهي، جيڪي ايران سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکن ٿا. آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران انهن رٿيل قدمن جو اعلان ڪيو. هن انهن کي ايران جي حڪومت خلاف ”اقتصادي ڊي-ڊي“ قرار ڏنو. مدني زاده چيو: ”لڳي ٿو ته آمريڪا هاڻي هڪ ٻي ناڪام ڪوشش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسان گهڻي عرصي کان انهن ڏينهن جي توقع ڪري رهيا هئاسين ۽ انهن منصوبن کان چڱيءَ طرح واقف هئاسين، جيڪي انهن ٺاهيا هئا. حڪومت وٽ ٻن سالن جو منصوبو آهي ۽ هوءَ اهڙين اڳڀرائين لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ اڳ ئي تيار رهي آهي.“ ايراني عهديدار آمريڪا تي الزام لڳايو ته هو ايران خلاف ”معاشي دهشتگردي“ ڪرڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو: ”اسان ڄاڻون ٿا ته هي راند ڪيئن کيڏڻي آهي. هن ڀيري آمريڪا کي اهو نه سمجهڻ گهرجي ته اسان جو جواب صرف دفاعي هوندو ۽ اسان رڳو پنهنجو بچاءُ ڪنداسين. کين اها به توقع رکڻ گهرجي ته اسان جوابي طور تي جارحاڻا قدم کڻنداسين.“

تبصرے بند ہیں۔