کٽمنڊو: نيپال ۽ تبت ۾ ٻوڏ بعد جمعي تي نائين ڏينهن به ريسڪيو آپريشن جاري آهن ۽ نيپال جي هڪ بجلي گهر جي سرنگهه مان 2 ماڻهن کي جيئرو ڪڍيو ويو آهي ۽ کين اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
4 سيپٽمبر جي منجهند تائين جي اپڊيٽ موجب نيپال ۽ چين ۾ فوتين جو گڏيل انگ 1280 ٿي ويو آهي. جن مان تبت جو انگ 21 ٻڌايو پيو وڃي. اڃا تائين نيپال ۾ لاپتا ماڻهن جو انگ 5083 ۽ تبت ۾ گم ٿيلن جو انگ 541 آهي، جن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا سياح به شامل آهن.
اڄ ٻه ماڻهو پاور هائوس جي سرنگهه مان جيڪي جيئرا بچايا ويا آهن. اهي تريشولي 3A هائيڊرو پاور منصوبي جي سرنگهه ۾ ڪيترن ڏينهن کان ڦاٿل هئا. بچيل ماڻهن جا نالا سنجَي شاهه ۽ ڪبير مهاراجن ٻڌايا ويا آهن. انهن جي زنده بچاءَ کان پوءِ ٻين ڦاٿل ماڻهن جي ملڻ جي اميد ٻيهر وڌي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔