راولپنڊي: آءِ ايس پي آر بلوچستان جي ضلعن مستونگ، قلات، ڪوئٽا ۽ سبي ۾ گذريل 72 ڪلاڪن دوران انٽيليجنس بنياد تي ڪيل آپريشنز ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلن ۾ ڀارتي پراڪسي ”فتنه الهندوستان“ سان لاڳاپيل 48 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڄاڻايل علائقن ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاعن کانپوءِ آپريشن ڪيا ويا.
وفاقي حڪومت گذريل سال بلوچستان ۾ سرگرم سمورن دهشتگرد گروهن کي سرڪاري طور ”فتنه الهندستان“ قرار ڏنو هو ۽ ڀارت تي الزام لڳايو هو ته هو انهن گروهن ذريعي پاڪستان خلاف پراڪسي جنگ جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.
آءِ ايس پي آر چيو: ”آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪئي وئي، انهن جي نگراني ڪئي وئي ۽ پنهنجي فورسن پاران فوري ۽ مخصوص ڪارروائي ذريعي انهن کي تباهه ڪيو ويو.“
بيان ۾ چيو ويو ته ڪارروائي دوران ”ڀارت جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ سمورا 12 دهشتگرد“ ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، هٿيارن ۽ بارودي مواد جو ذخيرو، جنهن ۾ هٿ سان تيار ڪيل ڌماڪيدار اوزار (آءِ اِي ڊيز) به شامل هئا، واقعي واري هنڌ تي تباهه ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو ته علائقي ۾ صفائي ۽ سرچ آپريشن جاري آهن ته جيئن ”ڀارت جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ ڪنهن ٻئي دهشتگرد“ کي ڳولي ختم ڪيو وڃي.
بيان جي پڄاڻي تي چيو ويو: ”پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران عزم استحڪام جي ويزن تحت، جنهن کي نيشنل ايڪشن پلان هيٺ وفاقي ايپڪس ڪميٽي منظور ڪيو آهي، دهشتگردي خلاف بي رحم مهم مڪمل رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت سان هلندڙ دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.“
پاڪستان ۾ دهشتگردي هڪ وڌندڙ مسئلو بڻجي رهي آهي ۽ عالمي نگراني ڪندڙ تنظيم آرمڊ ڪانفلڪٽ لوڪيشن اينڊ ايونٽ ڊيٽا (ACLED) موجب 2022ع کان وٺي هر سال حملن جو انگ وڌندو پيو وڃي. ACLED جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ حملن جو تعداد 2022ع ۾ 658 کان لڳ ڀڳ چار ڀيرا وڌي 2025ع ۾ 2 هزار 425 ٿي ويو، جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي حملن جو انگ 118 کان ست ڀيرا وڌيڪ وڌي 838 ٿي ويو.
جيتوڻيڪ خيبرپختونخوا دهشتگردي جو سڀ کان وڏو بار برداشت ڪيو آهي، پر بلوچستان به ڀارتي پراڪسين جو هڪ وڏو نشانو رهيو آهي، جيڪي اڪثر صوبي ۾ شهرين ۽ فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن.
2025ع جي آخري ڏينهن تي اهڙي ئي هڪ حملي ۾ دهشتگردن بلوچستان جي ضلعن گوادر ۽ خاران ۾ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ پورهيتن سميت 18 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
رياست جن گروهن کي ڀارت جي سرپرستي هيٺ دهشتگرد ۽ انهن جا پراڪسي قرار ڏئي ٿي، انهن خلاف فورسن صوبن ۾ آپريشن جاري رکيا آهن، پر انهن ڪوششن باوجود اهي گروهه شهري ۽ دفاعي تنصيبات کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن.
تبصرے بند ہیں۔