براؤزنگ عالمي خبرون
عالمي خبرون
وائيٽ هائوس جو سي اين اين جي رپورٽر تي لفظي حملو
ڪراچي: وائيٽ هائوس سومر ڏينهن سي اين اين جي رپورٽر تي سخت تنقيد ڪئي، جڏهن هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس هڪ معاون جي لاڳاپن بابت سوال ڪيو. اهو عورت صحافين خلاف حملن جي تازي سلسلي جو هڪ ٻيو واقعو آهي.
اوول آفيس ۾ هڪ تقريب دوران رپورٽر…
آمريڪا جي معاهدي جي خلاف ورزين سبب 60 ڏينهن جي مهلت بي معنيٰ آهي، بقائي
تهران: ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين لاءِ مقرر ڪيل 60 ڏينهن جي مهلت واشنگٽن طرفان مفاهمتي يادداشت جي ”واضح ڀڃڪڙين“ سبب هاڻي پنهنجي اهميت وڃائي چڪي آهي.
ايران جي پرڏيهي وزارت خليج جي پاڻيءَ ۾…
ٽرمپ انتظاميه جو ايران جنگ جي خاتمي لاءِ پاسداران انقلاب سان ڳجهي رابطي جو انڪشاف
واشنگٽن: آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته مئي مهيني جي دوران ايران سان جنگ جي خاتمي لاءِ جاري ڳالهين جي دوران آمريڪي اختيارين کي انهي ڳالهه تي شڪ پيدا ٿي ويا هئا ته ايراني ڳالهيون ڪندڙ واقعي طاقتور ايراني فورس، پاسداران انقلاب جي نمائندگي…
انڊونيشيا ۾ 7.7 شدت جو زلزلو، 47 ماڻهو فوت، آفٽر شاڪس جاري
جڪارتا: انڊونيشيا جي ڊزاسٽر مٽِيگيشن ايجنسي موجب، ڇنڇر ڏينهن صبح سوير انڊونيشيا ۾ 7.7 شدت جو زلزلو اچڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 47 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ٿيڻ سان فوتين جو سرڪاري انگ وڌي رهيو آهي. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ…
پاسدارانِ انقلاب کي دشمن جي سرزمين اندر حملن جي صلاحيت حاصل ڪرڻ جو حڪم
تهران: نئين فوجي ڊاڪٽرائين تحت ايران جي پاسدارانِ انقلاب (آءِ آر جي سي) کي دشمن جي پنهنجي ئي سرزمين اندر گھڙي جارحاڻا عملياتي حملن جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جو باقاعده حڪم جاري ڪيو ويو آهي.پاسدارانِ انقلاب جي سينيئر مشير برگيڊيئر جنرل رضا…
شام جي عدالت بشار الاسد کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي
ڪراچي: شام جي هڪ عدالت اڱاري ڏينهن اڳوڻي حڪمران بشار الاسد کي غيرحاضري ۾ موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته کيس ملڪ جي گهرو ويڙهه دوران ”جنگي ڏوهن“ ۽ ”انسانيت خلاف ڏوهن“ جي الزامن ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو.
بشار الاسد ڊسمبر 2024ع ۾ باغين جي دمشق…
سعودي عرب ٻيهر نشاني تي، حوثين جو آرامڪو ريفائنري کان پوءِ يمن جي بندرگاهه تي به وڏو حملو
رياض: يمن جي ايران نواز حوثي گروپ سعودي عرب جي سرڪاري تيل ڪمپني آرامڪو جي جازان ريفائنري تي ڊرون حملي جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته سعودي اختيارين ريفائنري ۾ باهه لڳڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي واقعي ۾ ڪنهن به جاني…
بئنڪاڪ، گهر ۽ اسڪول ۾ شاگرد جي فائرنگ ۾ 8 ڄڻا قتل
بئنڪاڪ:ٿائيلينڊ ۾ جمعي ڏينهن هڪ نوجوان هٿياربند پنهنجي هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ استادن ۽ شاگردن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. پوليس موجب، تازن سالن دوران ملڪ ۾ اسڪول اندر ٿيندڙ هي سڀ کان خونريزن واقعن مان هڪ آهي.…
هٿيارن جي کوٽ تي ٽرمپ دفاع واري وزير تي ڪاوڙجي پيو، واشنگٽن پوسٽ جي وڏي دعويٰ
واشنگٽن: آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي ڪيمپ ڊيوڊ ۾ ٿيل ڪابينه اجلاس جي دوران دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ سان آمريڪي فوج جي هٿيارن ۽ ميزائلن جي ذخيرن ۾ کوٽ تي سخت سوال ڪيا.
رپورٽ موجب صدر ٽرمپ انهي…
روس جي حملن ۾ يوڪرين جا 14 ماڻهو فوت 22 زخمي
ڪيف: گذريل رات روس جي يوڪرين تي ڪيل تازن حملن ۾ 14 ماڻهو فوت ۽ 22 زخمي ٿيا آهن.
يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف جي ميئر ويتالي ڪلچڪو چيو آهي ته شهر جي مرڪزي علائقي تي ٿيل روسي حملن کان پوءِ خدشو آهي ته ڪجهه ماڻهو ملبي هيٺ ڦاٿل ٿي سگهن ٿا.…