صنعا: سعودي جنگي جهازن طرفان يمن جي مختلف علائقن تي فضائي حملا ڪرڻ جا اطلاع آهن. يمني حوثين سان جڙيل ٽي وي موجب سعودي جنگي جهازن يمن جي صوبن مارب، الجوف ۽ تعز ۾ ڪيترائي فضائي حملا ڪيا آهن.
رپورٽ موجب الجوف جي ضلعي خب والشعف ۾ 5، صوبي مارب جي علائقي صرواح ۾ 10 جڏهن ته صوبي تعز جي علائقي البرح ۾ 5 فضائي حملا ڪيا ويا، صعده جي سرحدي ضلعي غمر ۾ به سعودي فورسز بمباري ڪئي آهي.
انهي حوالي سان عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي قيادت ۾ قائم ٿيل اتحاد اڃان تائين حوثين تي حملن جي تصديق نه ڪئي آهي. ٻئي طرف سعودي سول ڊفينس شهر خميس مشيط ۾ خطري کان خبردار ڪرڻ جي لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيا.
تبصرے بند ہیں۔