اسلام آباد: حڪومت 7 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ڪڻڪ گهرائڻ جي لاءِ عالمي ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرايل ڪڻڪ صوبن جي طلب ۽ ضرورت موجب ورهائي ويندي.
ٽي سي پي موجب گهرايل ڪڻڪ تازن فصلن مان حاصل ٿيل هجڻ گهرجي. عالمي سپلائرز جي طرفان گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ميٽرڪ ٽن جي آڇ ئي قبول ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪڻڪ جي ورهاست ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن تي سي ايف آر جي بنياد تي ڪئي ويندي.
ڪڻڪ گهرائڻ جي لاءِ ٻوليون 16 سيپٽمبر تي صبح 11 لڳي 30 منٽن تائين جمع ڪرائي سگهبيون. جڏهن ته ٻوليون ساڳئي ڏينهن 12 وڳي کوليون وينديون. ٽي سي پي طرفان عالمي ٽينڊر ۾ درآمد بابت اهم شرطون به مقرر ڪيون ويون آهن.
ٽي سي پي موجب ٻاهران گهرايل ڪڻڪ صوبن جي طلب ۽ ضرورت کي آڏو رکندي ورهائي ويندي. گڏيل درآمدي ڪڻڪ مان 3 لک ٽن سنڌ، 2 لک 50 هزار ٽن پنجاب ۽ 2 لک ٽن خيبرپختونخواهه کي فراهم ڪئي ويندي.
ملڪي سطح تي ڪڻڪ جي سالياني کپت تقريبن 3 ڪروڙ 13 لک ٽن آهي. اقتصادي سروي 2025-26 موجب ڪڻڪ جي پيداوار 2 ڪروڙ 96 لک 10 هزار ٽن رهي، جڏهن ته ماهرين موجب جولاءِ جي پهرين هفتي تائين پاسڪو وٽ 17 لک 83 هزار ٽن ڪڻڪ موجود هئي.
تبصرے بند ہیں۔