آمريڪا جي معاهدي جي خلاف ورزين سبب 60 ڏينهن جي مهلت بي معنيٰ آهي، بقائي

تهران: ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين لاءِ مقرر ڪيل 60 ڏينهن جي مهلت واشنگٽن طرفان مفاهمتي يادداشت جي ”واضح ڀڃڪڙين“ سبب هاڻي پنهنجي اهميت وڃائي چڪي آهي.
ايران جي پرڏيهي وزارت خليج جي پاڻيءَ ۾ آلودگيءَ جو ذميوار خطي ۾ آمريڪي فوجي ڪاررواين کي قرار ڏنو آهي. اي ايف پي موجب، تازو ڪيترن ئي هنڌن تي تيل جي رسڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هڪ پريس بريفنگ دوران چيو ته: ”هي ماحولياتي نقصان خطي ۾ آمريڪي فوجي موجودگي ۽ گذريل پنجن ڏهاڪن دوران آمريڪا طرفان خطي ۾ وڙهيل جنگين جو نتيجو آهي.“
هن چيو ته: ”فارس خليج ۽ عمان سمنڊ جي ماحول کي پهتل نقصان جو تعلق رڳو هن جنگ سان ناهي.“
بقائي آمريڪا کي ان نقصان جو ذميوار قرار ڏيندي ان خلاف جوابدهي جو مطالبو ڪيو ۽ اندازو لڳايو ته نقصان جي ماليت ”کربين ڊالرن“ ۾ آهي.
ايران جا ٽي لاپتا فوجي پائلٽ گرفتار هجڻ جو خدشو
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي اهو پڻ چيو آهي ته ايران جو خيال آهي ته مارچ ۾ هڪ آپريشن کانپوءِ لاپتا ٿيل ٽي فوجي پائلٽ گرفتار آهن.
ايراني ميڊيا موجب، بقائي چيو ته ايران قطر سان سفارتي رابطن باوجود انهن پائلٽن جي قسمت معلوم ڪرڻ لاءِ قانوني ۽ عالمي فورمن ذريعي ڪوششون جاري رکندو.
هن هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو: ”جيستائين صورتحال واضح نٿي ٿئي، اسان جو خيال آهي ته اهي ٽي لاپتا پائلٽ گرفتار آهن ۽ اسان وٽ موجود سمورا قانوني ۽ عالمي ذريعا استعمال ڪنداسين.“
بقائي ٻڌايو ته 2 مارچ تي هڪ آپريشن ۾ چار پائلٽس حصو ورتو هو، جن مان هڪ جو لاش بعد ۾ ايران واپس آندو ويو.
هن چيو ته پائلٽن جي لاپتا ٿيڻ کان ٿوري ئي دير پوءِ سفارتي ڪوششون شروع ڪيون ويون، جن ۾ انٽرنيشنل ڪميٽي آف دي ريڊ ڪراس (ICRC) سان خط و ڪتابت ۽ سفارتخانن ذريعي صلاح مشورا پڻ شامل هئا.
سعودي عرب جا قطر ۽ عمان سان رابطا
ٻئي طرف سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان آل سعود قطر ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن سان الڳ الڳ ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ خطي جي صورتحال ۽ علائقائي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويو.
سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري آفيس موجب، فيصل قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني ۽ عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ٽنهي ملڪن جي وزيرن علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ملڪن وچ ۾ مسلسل ”هم آهنگي ۽ مشاورت“ جي اهميت تي زور ڏنو.

تبصرے بند ہیں۔