لاس اينجلس : هالي ووڊ فلم ’آئس پرنسس‘، مشهور سينيمائي سيريز ’اسڪريم‘ ۽ ٽي وي سيريز ’هيروز‘ مان شهرت حاصل ڪندڙ آمريڪي اداڪاره هيڊن پنيٽيئر (Hayden Panettiere) 36 ورھين جي ڄمار ۾ انتقال ڪري وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اداڪاره جي ناگھاني موت جي تصديق سندس ترجمان ۽ والد پاران ڪئي وئي آهي.هيڊن پنيٽيئر 2005ع ۾ ڊزني جي مشهور فلم ’آئس پرنسس‘ ۾ اداڪاره مشيل ٽريچٽن برگ (Michelle Trachtenberg) سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. ياد رهي ته اداڪاره مشيل ٽريچٽن برگ پڻ گذريل سال فيبروريءَ ۾ 39 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي هئي.ترجمان موجب اداڪاره جي اوچتي موت جو حتمي سبب اڃا تائين سامھون ناهي اچي سگهيو, جڏهن ته سندس مداحن پاران هن بي وقتي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔