اسان تي دٻاءُ وجهي آمريڪا رعايتون حاصل نٿو ڪري سگهي: ايران

تهران : ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته هڪ وري فوجي ائڪشن ذريعي سفارتڪاريءَ جي تڪميل جو وقت اچي ويو آهي. ايران تي دٻاءُ وڌائي آمريڪا اهي رعايتون حاصل نٿو ڪري سگهي جيڪي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جو حصو نه هيون.محمد باقر قاليباف پنهنجي بيان ۾ چيو ته هيگسيٿ ۽ بيسنٽ پنهنجي اوقات کان وڌيڪ ڳالهائي رهيا آهن. مسخرن جي ٽيم ڪي معجزا نٿي ڏيکاري سگهي، اها انتظار ڪرڻ ڇڏي ڏيو ته جادوگر ٽوپيءَ مان سَسو نڪرندو ۽ بحران ختم ٿي ويندو.هن چيو ته بحري ناڪه بندي ختم ٿيڻ تائين آبناءِ هرمز نه کوليو ويندو. تيل تان پابنديون هٽائڻ، اثاثا بحال ڪرڻ ۽ فوجي آپريشن بند ٿيڻ تائين هرمز نه کوليو ويندو.ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر چيو ته وقت اچي ويو آهي ته هڪ وري فوجي ائڪشن ذريعي سفارتڪاريءَ کي مڪمل ڪيو وڃي ۽ وعدن جي خلاف ورزيءَ جو عملي ردعمل ڏنو وڃي.

دنيا کي خليج فارس ۾ آمريڪي تسلط کانپوءِ نئين عالمي نظام ۾ جي ويلڪم ٿا چئون: ايراني قومي سلامتي ڪونسل جو سربراهه
تهران :ايران جي قومي سلامتي ڪونسل جي سربراهه محسن رضائي چيو آهي ته هو دنيا کي خليج فارس ۾ آمريڪي تسلط کانپوءِ نئين ابھرندڙ عالمي نظام ۾ جي آءِين ٿا چون.صدارت ٽرمپ پاران آبناءِ هرمز کي آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ تي ردعمل ڏيندي محسن رضائي چيو ته آمريڪا وٽ آبناءِ هرمز کولڻ جي صلاحيت ناهي ۽ ان جي مالڪيءَ جو دعويٰ ڪرڻ وارو خال ان 11 هزار 500 ڪلوميٽرن جي فرق کان به وڌيڪ آهي جيڪو واشنگٽن ۽ آبناءِ هرمز وچ ۾ آهي. هن چيو ته خليج فارس ۾ آمريڪي تسلط کانپوءِ جو نظام هاڻي واضح طور سامهون اچي رهيو آهي.

امارات تي ايران مان ميزائل هڻڻ واري يو اي اي جا الزام رد
تهران :ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي اماراتي علائقي تي ايران وٽان ميزائل فائر ڪرڻ واري يو اي اي جي بيان کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو آهي.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان بغير ڪنهن ثبوت جي لڳايل الزامن خلاف خبردار ڪندي ”فالس فليگ آپريشنز“ (False Flag Operations) ڏانهن اشارو ڪيو. ان کان اڳ اماراتي دفاع واري وزارت الزام هنيو هو ته ايران پاران ٻه بئليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا هئا.

يو اي اي پاران ايران سان تمام تجارتي، ڪاروباري ۽ مالياتي معاملا ٻئي حڪم تائين معطل
ابو ظهبي : متحدہ عرب امارات (يو اي اي) ايران سان پنهنجا تمام تجارتي، ڪاروباري ۽ مالياتي معاملا ٻئي حڪم تائين معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.يو اي اي جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي فيصلو خطي ۾ وڌندڙ ڪشيدگيءَ کي مدنظر رکندي ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڪشيدگي علائقائي ۽ بين الاقوامي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ آهي.ان کان اڳ متحدہ عرب امارات جي دفاع واري وزارت ٻڌايو هو ته ايران پاران يو اي اي ڏانهن 2 بئليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا، جن مان هڪ ميزائل يو اي اي جي سمنڊي حدن اندر ۽ ٻيو سمنڊي حدن کان ٻاهر ڪريو.

تبصرے بند ہیں۔