وزيراعظم پيٽروليم واري وزير کي تيل جي قيمتن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم واري وزير کي فوري طور تي ڪراچي پهچڻ ۽ تيل جي قيمتن جي حوالي سان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات، نشريات واري وزير عطاءُالله تارڙ تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وزير احد خان چيمه، موسمياتي تبديلي بابت وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر حمزه شهباز به شريڪ هو.

وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ کي فوري طور تي ڪراچي پهچڻ ۽ آئل ريفائينر سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پيٽروليم وارو وزير ڪراچي وڃي مقامي طور تي تيار ڪيل ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان کنيل قدمن کي يقيني بنائي.

وزيراعظم چيو ته ڊيزل جي مقدار جو وڌيڪ حصو مقامي ريفائينريز ۾ تيار ٿيندو آهي. انهي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ پيٽروليم وارو وزير بذات خود ريفائنريز سان ڳالهين کي جلد کان جلد مڪمل ڪري جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي عوام تائين فوري طور تي رليف پهچايو وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔