اداڪاره ميرا مٿان گهر جي نوڪرياڻي تي تشدد جو الزام، وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ نوڪرياڻي بيان تبديل ڪري ڇڏيو

لاهور:  مشهور پاڪستاني اداڪاره ميرا جي پنهنجي گهر جي نوڪرياڻي سان هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻئي هڪ ٻئي سان وڙهي رهيون آهن.

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ مبينه طور تي اداڪاره ميرا کي پنهنجي گهر جي نوڪرياڻي سان سخت جملن جي ڏي وٺ کان پوءِ انهي کي تشدد جو نشانو بنائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ميرا پنهنجي گهر جي نوڪرياڻي سان ڳالهيون ڪندي نظر اچي رهي آهي پر ڪجهه ئي دير بعد صورتحال ڇڪتاڻ  واري ٿيڻ کان پوءِ هاٿا پائي شروع ٿي وڃي ٿي.

اداڪاره ميرا جي گهريلو نوڪرياڻي تي هڪ نجي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ الزام لڳايو ته اداڪاره ميرا مون کي انهي کان پهريان به ڪيترائي ڀيرا تشدد جو نشانو بنايو آهي.

نوڪرياڻي طرفان اها به دعويٰ ڪئي وئي ته منهنجي چهري سميت جسم جي مختلف حصن تي ڌڪ جا نشان صاف ظاهر آهن. نوڪرياڻي ميرا جي ذهني حالت تي به سوال اٿاريندي چيو ته ميرا جي ذهني حالت معمول موجب نه آهي.

هوڏانهن ميرا جي گهريلو نوڪرياڻي ياسمين جي هڪ ٻئي به وڊيو سامهون اچي وئي آهي. انهي وڊيو ۾ ياسمين پنهنجي پهرين بيان کان مختلف موقف اختيار ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي اڳوڻي وڊيو مصنوعي ذهانت اي آءِ سان تيار ڪئي وئي هئي. ميرا تمام بهترين  انسان آهي، مان اڃان تائين انهي وٽ ئي ڪم ڪري رهي آهيان.

ياد رهي ته ميرا انهي کان اڳ به  مختلف نوعيت جي وڊيوز بيانن سبب خبرن جي زينت بڻجندي رهي آهي. جڏهن ته ڪجهه سال اڳ هڪ ٽي وي چينل تي ميڪ اپ آرٽسٽ کي مبينه طور تي تشدد جو نشانو بنائڻ جي حوالي سان به انهي جو نالو خبرن ۾ آيو هو.

 

تبصرے بند ہیں۔