سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ سستو ٿي ويو، چاندي جي قيمت ۾ اضافو

ڪراچي:  سون جي عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمت گهٽ ٿي وئي جڏهن ته چاندي جون قيمتون وڌي ويون.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ اڱاري جي ڏينهن في اونس سون جي قيمت ۾ 10 ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ نئين عالمي قيمت 4 هزار 396 ڊالر جي سطح تي اچي وئي.

اهڙي طرح مقامي صرافه بازارن ۾ به اڄ ڪاروباري هفتي جي  ٻئي ڏينهن في تولو سون جي قيمت 1 هزار  روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 62 هزار 136 روپيه ۽ في 10 گرام سون جي قيمت 857 روپين جي گهٽتائي سان 3 لک 96 هزار 207 روپين جي سطح تي اچي وئي.

سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ابتڙ ملڪ ۾ في تولو چاندي جي قيمت 10 روپين جي اضافي سان 7 هزار 69 روپيه ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت به 9 روپين جي اضافي سان 6 هزار 060 روپين جي سطح تي اچي وئي.

تبصرے بند ہیں۔