اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي مستقبل جو نئون انتظامي نقشو وزيراعظم کي پيش ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب تجويز ڪيل مسودو هڪ اعليٰ سطحي خاص ڪميٽي پاران وزيراعظم کي پيش ڪيو ويو. تجويز ڪيل مسودي ۾ اسلام آباد جي 27 ميمبرن واري اسيمبلي جي قيام جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، اسلام آباد جي پنهنجي اسيمبلي، چيف ايگزيڪيوٽو ۽ 27 کاتا تجويز ڪيا ويا آهن. اسيمبلي جي 21 ميمبرن کي سڌو سنئون عوامي ووٽ ذريعي چونڊڻ جي تجويز آهي ۽ قومي اسيمبلي جي هر حلقي مان اسلام آباد اسيمبلي ۾ 7 سيٽون رکڻ جي تجويز آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صحت، تعليم، ماحول ۽ شهري سهولتون مقامي حڪومتن جي ذميواري هونديون، عورتن لاءِ 5 سيٽون ۽ اقليتن لاءِ هڪ سيٽ رکڻ جي تجويز آهي، اسلام آباد جي چيف ايگزيڪيوٽو لاءِ وڏي وزير يا ميئر جو عهدو رکڻ جي تجويز آهي جيڪو چونڊيل اسيمبلي کي جوابدهه هوندو، شهر جي 27 شعبن کي اسلام آباد حڪومت جي ماتحت رکڻ جي تجويز آهي، آرٽيڪل 62 ۽ 63 اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري اسيمبلي جي هر ميمبر تي لاڳو ٿيندا، ۽ اسيمبلي جون چونڊون اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ماتحت ٿينديون. تجويز ڪيل مسودي موجب، وفاقي حڪومت لاڳاپيل وزارت يا گورنر ذريعي امن امان ۽ ماسٽر پلاننگ معاملا هلائيندي،اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري اسيمبلي کي صوبائي طرز جي انتظامي ۽ مالي خودمختياري حاصل هوندي. اسلام آباد جي نئين جوڙجڪ جي منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي،ڪابينا جي منظوري کان پوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪئي ويندي. ذريعن موجب، آئيني ترميم جي بدران پارليامينٽ جي هڪ ايڪٽ تحت اسلام آباد اسيمبلي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي راڄڌاني لاءِ الڳ اسيمبلي جو تجويز ڪيل مسودو وزيراعظم کي پيش ڪيو ويو آهي. احسن اقبال جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي تجويز ڪيل مسودو تيار ڪيو آهي. ڪميٽي ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، مصدق ملڪ، رانا ثناءُ الله، طلال چوڌري، ۽ اسلام آباد مان اسيمبلي جا ٻئي ميمبر ۽ گهرو سيڪريٽري شامل هئا.
تبصرے بند ہیں۔