ڪولمبيا ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلو: وزيراعظم شهباز شريف طرفان قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف ڪولمبيا ۾ آيل شديد زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام انهي المناڪ سانحي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڪولمبيا جي عوام ۽ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

هن ڪولمبيا جي صدر ابيلارڊوڊي لاايسپريٽلا، اتان جي عوام ۽ انهن سمورن خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو جن زلزلي جي تباهي سبب پنهنجن پيارن کي وڃايو. وزيراعظم متاثر خاندانن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا به ڪئي.

وزيراعظم زلزلي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن ۽ انهي قدرتي آفت سبب متاثر ٿيل سمورن ماڻهن جي لاءِ به همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون هن مشڪل وقت ۾ زخمين ۽ متاثرين سان گڏ آهن.

شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ واضح ڪيو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ ڪولمبيا جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته قدرتي آفت سبب پيدا ٿيل هن صورتحال ۾ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ڪولمبيا جي متاثرين جي ڏک کي محسوس ڪن ٿا ۽ انهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.

 

تبصرے بند ہیں۔