مظفرآباد : آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ ضلع باغ جي ايل اي 14 واري نشست تان تاريخي ۽ وڏو اپ سيٽ سامھون آيو آهي، جتي مسلم کانفرنس جو امير ۽ اڳوڻو وڏو وزير سردار عتيق احمد خان پنهنجي اباڻي نشست تان نهائيت بري طريقي سان هارائي ويو آهي. ايل اي 14 باغ جي سمورن پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب جمون و ڪشمير دست و بازو پارٽي جي اميدوار سردار ساجد اقبال 40 هزار 702 ووٽ حاصل ڪري وڏي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سردار عتيق احمد خان رڳو 19 هزار 542 ووٽ کڻي سگهيو. سردار ساجد پنهنجي حريف کان ٻيڻ تي وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. ياد رهي ته هيءَ نشست سردار عتيق ۽ سندس والد سردار عبدالقيوم جو روايتي قلعو سمجهي ويندي هئي.ٻئي طرف ايل اي 15 باغ تي پيپلز پارٽي جو ضياءُ قمر، ايل اي 16 تي ن ليگ جو سردار مير اڪبر خان جڏهن ته ايل اي 17 حويليءَ مان پيپلز پارٽي جو وزيراعظم آزاد ڪشمير فيصل ممتاز راٺوڙ اڳتي هلي رهيا آهن.
تبصرے بند ہیں۔