اي آر رحمان جو پٽ ڪار حادثي ۾ زخمي

چنائي: معروف ڀارتي موسيقيءَ جي شهنشاهه اي آر رحمان جو پٽ ۽ پلي بئڪ گلوڪار اي آر امين چنائي شهر اندر خوفناڪ روڊ حادثي جو شڪار ٿي پيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب چنائي جي علائقي گنڊي واري روڊ تي اولپيا ٽيڪ پارڪ ويجهو امين جي گاڏي آڏو ايندڙ هڪ ٽئڪسيءَ سان سخت ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ اي آر امين ۽ سندس دوست کي معمولي چٽون آيون. حادثي بعد ٻنهي کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي شروعاتي مرهم پٽيءَ بعد کين ڊسچارج ڪيو ويو. پوليس واقعي جي وڌيڪ تفشيش شروع ڪري ڇڏي آهي.

تبصرے بند ہیں۔