بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائي، اهم اڳواڻ سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه:  بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ وڏي ڪارروائي ۾ اهم اڳواڻ سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز طرفان آپريشن ردالفتنه 3 جي تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف موثر ۽ ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. تازي آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنته الهندستان جي دهشتگردن خلاف پنجگور جي علائقي سرڪيني، چهيدگي ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ اهم اڳواڻ  وزير ولد جمال سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا.

آپريشن جي دوران دهشتگردن جي قبضي مان 4 موٽر سائيڪلون، مشين گنز، ڳرو هٿيار، بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز پنجگور جي علائقي سرڪيني، چهيدگي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد پنجگور ۾ مقامي واپارين ۽ ٻين شهرين کان ڦرمار، ڀته خوري، اغوا ۽ دهشتگردانه ڪارروائي ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ فتنته الهندستان جي امڪاني ٻين دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مان فتنته الهندستان جي دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔