ڪراچي: مير رضا قتل ڪيس ۾ مقتول جي لاش کي تيزاب سان ساڙڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي.
تفصيل موجب ڪيس جي جاچ دوران اهو انڪشاف ٿيو آهي ته فارنزڪ ليب اماڻيل شرٽ مان خبر پئي آهي ته رضا جي هٿن ۽ چهري تي تيزاب اڇلايو ويو، تيزاب اڇلڻ جو مقصد سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ هو ته جيئن ڪير به انهي جي سڃاڻپ نه ڪري سگهي.
ٻئي طرف مير رضا ڪيس جي نئين جاچ ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو، قتل سميت سمورن رخن کان مير رضا جي موت جي جاچ ڪئي ويندي. 5 رڪني ڪميٽي جي سربراهه ڊي آءِ جي عامر فاروقي، ايس ايس پي علي رضا سيڪريٽري هوندا.
ڇنڇر تي مير رضا جي قبر ڪشائي کان پوءِ سامهون ايندڙ شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ موجب مير رضا کي گولي پٺيان کان لڳل هئي ۽ جسم تي تشدد جا نشان به موجود هئا. رپورٽ موجب کاٻي ٽنگ ۽ چهري تي فريڪچر جون شاهديون به مليون جڏهن ته جسم جي هيٺين حصي جي ٽشوز تي رت جا نشان به هئا.
تبصرے بند ہیں۔