بلوچستان ۾ فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه : بلوچستان جي علائقن ڪمبيله ۽ عاصم آباد ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران سرچ ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪندي فتنة الهند سان تعلق رکندڙ 3 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائيءَ دوران 68 چورس ڪلوميٽر علائقي کي مڪمل طور ڪليئر ڪرايو ويو آهي. مارجي ويل 3 دهشتگردن مان 2 جون لاشيون هٿ ٿيون آهن، جڏهن ته 4 دهشتگرد زخمي به ٿيا آهن جن ۾ سندن وڏو شوڪت ماما به شامل آهي. آپريشن دوران فورسز 12 مشڪوڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي دهشتگردن جون پناهگاهون تباهه ڪري ڇڏيون آهن.

تبصرے بند ہیں۔