مظفرآباد: اليڪشن ڪميشن آزاد جمون، ڪشمير عام چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلعي پونچهه ۽ ضلع پلندري ۾ پولنگ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
آزاد جمون ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب گهرو سيڪريٽري حڪومت آزاد ڪشمير جي رپورٽ ۾ پونچهه ۽ سهدنوئي ۾ امن امان بابت خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن جنهن سبب انهن ضلعن جي چونڊ تڪن ۾ 10 آگسٽ تي پولنگ نه ٿيندي.
ٻئي طرف ضلعي باغ جي ٽن چونڊ تڪن ۽ ضلع حويلي جي هڪ تڪ ۾ اڳ ئي طئي ٿيل شيڊول موجب 10 آگسٽ تي ئي پولنگ ٿيندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو امن، امان جي صورتحال ۽ ڪجهه سياسي شخصيتن، اميدوارن طرفان ڏنل درخواستن کي آڏو رکندي ڪيو ويو آهي ته جيئن آزادانه، منصفانه، شفاف ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ يقيني بنائي سگهجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته نئين تاريخ ۽ نظرثاني ٿيل چونڊ شيڊول جو اعلان حالتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔