ڪنهن به ملڪ تي حملو، ٽنهي ملڪن تي تصور ٿيندو، معاهدي تي صحيحون ٿي ويون

جده : وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال دوران ٽن وڏن سني مسلڪ وارن ملڪن سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ اهم گڏيل دفاعي معاهدي تي اڄ مسلمانن جي مقدس شهر مڪي ۾ صحيحون ڪيون ويون. معاهدي موجب ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. سعودي عرب گلدف جو وڏو امير ۽ طاقتور ملڪ آهي، ترڪيه جديد جنگي هٿيار رکندڙ وڏو ۽ نيٽو جو ميمبر ملڪ آهي ۽ پاڪستان اڪيلو مسلمان ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهي. ٽنهي مڪن جي گڏيل فوج جو تعداد دنيا جي ڪنهن به هڪ ملڪ کان وڏو ٿيندو. گهڻن مبصرن جو خيال آهي ته هي معاهدو بظاهر اسرائيل لاءِ وڏو ۽ کليو پيغام آهي. هي معاهدو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن ايران نواز حوثي باغي سعودي عرب جي جهازن ۽ بندرگاهن تي حملا ڪري رهيا آهن. ايران جي نئين سپريم ليڊر جي صلاحڪار ابراهيم رضائي چيو آهي ته هي ڪاغذي معاهدا سعودي عرب جي سيڪورٽي جو ضامن نه بڻبا، سعودي عرب ڊگهي عرصي لاءِ آمريڪا تي ڀاڙيندو رهيو آهي ۽ هاڻي نئون معاهدو ڪيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب کي پنهنجي پاليسي بدلاڻي پوندي جيڪا مٿس ڪنهن حملي نه ٿيڻ جي گارنٽي بڻبي. معاهدي تي پاڪستان پاران وزيراعظم شهباز شريف، ترڪيه طرفان رجب طيب اردوغان ۽ سعودي عرب پاران ولي عهد محمد بن سلمان صحيحون ڪيون. جيئن ئي هنن صحيحون ڪيون ته هال تاڙين سان گونجي پيو. فيلڊ مارشل عاصم منير، دفاع ۽ اطلاعات جا وفاقي وزير خواجا آصف ۽ عطا تارڙ به هال ۾ موجود هئا. رائٽر ترڪيه جي پرڏيهي وزارت جي ذريعن جي حوالي سان سان چيو آهي ته هي دفاعي نوعيت جو معاهدو آهي، جيتوڻيڪ وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن پر آسٽريليا جي نيشنل يونيورسٽي جي اسٽريٽجڪ اينڊ ڊفينس اسٽڊيزسينٽر سان لاڳاپيل منصور احمد جي حوالي سان چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي دفاعي صنعت ۾ سيڙپڪاري وڌندي. منصور احمد موجب هن دفاعي معاهدي ۾ ايٽمي حملي جو ڪلاز شامل ناهي ڇو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام صرف ڀارت جي تناظر ۾ آهي. ياد رهي ته ترڪيه نيٽو جي ٻئي نمبر تي وڏي فوج آهي. ٽنهي ملڪن جي گڏيل آبادي 40 ڪروڙ آهي.

تبصرے بند ہیں۔