جماعت اسلامي طرفان اڄ سموري ملڪ ۾ 510 هنڌن تي ڌرڻا، روڊ بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي:  جماعت اسلامي طرفان پيٽروليم ليوي خلاف اڄ سموري ملڪ ۾ 510 هنڌن تي ڌرڻا ۽ روڊ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اڄ سموري پاڪستان ۾ پيٽروليم ليوي ۽ مهانگائي خلاف پاڪستان جي 510 اهم روڊن تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، احتجاج جي دوران روڊ بند ڪيا ويندا، صرف ايمبولينس کي گذرڻ ڏنو ويندو.

منعم ظفر خان چيو ته ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ڪوئته، پشاور، فيصل آباد، راولپنڊي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ شام 4 وڳي مختلف روڊن تي احتجاجي قافلي روانه ٿيندا.

منعم ظفر خان موجب شاهراهه پاڪستان، حب روڊ، نيشنل هاءِ وي، سپر هاءِ وي، اورنگي، ڪورنگي، پاڪستان چوڪ ۽ شير شاهه کان قافلا روانا ٿيندا. سمورا احتجاجي قافلا قائداعظم جي  مزار واري هنڌ تي جمع ٿيندا جتان کان وڏو احتجاجي ڪارروان شاهراهه فيصل طرف روانو ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته پيٽروليم ليوي واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رهندو. عوام پنهنجي اجتماعي طاقت جو مظاهرو ڪري ته مطالبا مڃرائي سگهجن ٿا، 25 ڪروڙ پاڪستاني گڏ ٿين ته پنهنجا حق حاصل ڪري سگهن ٿا.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان عوام کي احتجاج ۾ وڌ کان وڌ شرڪت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته عوام پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري.

 

تبصرے بند ہیں۔