بابر اعظم عمران خان ۽ وسيم اڪرم جو تاريخي ريڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

لاهور : پاڪستاني ٽيسٽ ڪپتان بابر اعظم بين الاقوامي ڪرڪيٽ ۾ اڳوڻي ڪپتان عمران خان ۽ وسيم اکرم جو تاريخي ريڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو آهي. ويسٽ انڊيز خلاف سيريز جي دوران بابر اعظم 4 اننگز ۾ 96.50 جي سراسري سان 193 رنسون ٺاهيون ۽ سيريز جو سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر رهيو. ٽيسٽ سيريز جي اختتام تي بابر اعظم کي ويسٽ انڊيز جي آل رائونڊر جسٽن گريوز سان گڏجي مشترڪه طور ‘پليئر آف دي سيريز’ قرار ڏنو ويو. هي بابر اعظم جي ٽيسٽ ڪئريئر جو پهريون جڏهن ته مجموعي طور تي 10ون ‘پليئر آف دي سيريز’ ايوارڊ آهي. ان کان اڳ هو 5 مرتبه ٽي-20 ۽ 4 مرتبه ون ڊي ۾ هي اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي. ان ڪاميابي سان بابر اعظم، عمران خان ۽ وسيم اکرم سان گڏجي پاڪستان پاران بين الاقوامي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 10 پليئر آف دي سيريز ايوارڊ کٽڻ جو اعزا حاصل ڪري ورتو آهي.

تبصرے بند ہیں۔