اسلام آباد : حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گھٽتائيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو اوگرا پاران رسمي نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 روپيا 20 پئسا في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 327 روپيا 62 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 1 روپيو 50 پئسا گھٽتائي بعد نئين قيمت 380 روپيا 86 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.ان کان علاوه مٽيءَ جو تيل به 1 روپيو 50 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ان جي نئين قيمت 289 روپيا 95 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. اوگرا موجب ڊيزل تي ليويءَ ۾ 81 پئسا واڌ بعد 74 روپيا 28 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول تي ليوي 80 روپيا ۽ مٽيءَ جي تيل تي 20 روپيا 36 پئسا في ليٽر تي برقرار رکي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔