ڪنڌڪوٽ: بي ايس فيڊر ڪئنال ۾ 50 فٽ گھارو، فصل پاڻي هيٺ

ڪنڌڪوٽ : غوثپور ويجهو ڳوٺ محمد علي اوگاھي وٽ بي ايس فيڊر ڪئنال ۾ 50 فٽ ٻوڙو وڏو گھارو پئجي ويو، جنهن سبب چئوڌاري ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي مشتمل آباد فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن.مقامي رهاڪن موجب بي ايس فيڊر ڪئنال ۾ گھارو پئڻ بعد پاڻي تيزيءَ سان ڳوٺن ۽ رهائشي علائقن ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن سبب وڌيڪ ابادين جي ٻڏڻ جو سخت خطرو پيدا ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻن چيو ته گھاري بابت آبپاشي کاتي جي اعليٰ عملدارن کي فوري اطلاع ڏنو ويو، پر ڪيترن ئي ڪلاڪن گذرڻ بعد به آبپاشي جو ڪو به عملو يا مشينري موقعي تي نه پهچي سگهي آهي.ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گھاري کي ٻڌڻ ۽ پاڻيءَ جو بهاؤ روڪڻ جي جاکوڙ ۾ مصروف آهن. مقامي ماڻهن ٻڌايو ته تقريبن هڪ مهينو اڳ به انهيءَ بي ايس فيڊر ڪئنال ۾ 50 فٽ جو گھارو پيو هو، پر ناقص مرمت ۽ نگران کاتي جي لاپرواهه رويي سبب ٻيهر گھارو پئجي ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔