سيالڪوٽ واقعو: پاڪستان سان لاڳاپا خراب نه ٿيندا: سريلنڪا

ڪراچي : سريلنڪن هاءِ ڪمشنر موهن وجي وڪرما چيو آهي ته هو پريانٿا ڪمارا جي قتل جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي قدمن تي خوش آهي ۽ يقين ڏياريان ٿو ته هن واقعي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا متاثر نه ٿيندا

اسلام آباد ۾ سريلنڪن هاءِ ڪمشنر موهن وجي وڪرما ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو هڪ شهري مارجي ويو جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي پر سري لنڪن حڪومت کي يقين آهي ته ان جو پاڪستان ۽ سريلنڪا لاڳاپن سان ڪو به تعلق ناهي

هن چيو ته اسان ڏٺو ته پاڪستان فوري ڪارروائي ڪئي، وڏي انگ ۾ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، اسان کي اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته اسان دوست آهيون

موهن وجي وڪرما چيو ته اڄ شهري پريانٿا جو لاش واپس موڪليو ويو آهي، اسان پاڪستان حڪومت جي قدمن تي خوش آهيون، مون کي يقين آهي ته پاڪستان حڪومت اهڙا قدم کڻندي ته جيئن متاثر خاندان کي انصاف ملي سگهي

سريلنڪن هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا سماجي، دفاعي ۽ واپاري لاڳاپا آهن، مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ان واقعي سان اسان جي لاڳاپن تي اثر نه پوندو، اسان دوست آهيون ۽ دوست رهنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔