جيڪولين تي ڀتي خور کان ڪروڙن جا تحفا وصول ڪرڻ جو الزام

ممبئي : باليووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس جي مبينا ڀتا خور سان گڏ تصوير ليڪ ٿيڻ کانپوءِ نوان الزام سامهون آيا آهن.ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ هاڻي اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪولين فرنينڊز سڪيش چندر شيکر نالي ڀتاخور کان 10 ڪروڙ رپين جي ماليت جا تحفا وصول ڪيا.رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪولين فرنينڊس مبينا ڀتا خور کان 10 ڪروڙ رپين جي ماليت جا تحفا وصول ڪيا انهن ۾ 9 لک رپين جي ماليت جي هڪ ٻِلي ۽ 52 لک رپين جي ماليت جو گهر به شامل آهي

جيڪولين فرنينڊس جي مبينا ڀتا خور سان گڏ تصوير ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن هن مبينا طور ڀتا خور سان گڏ ڪنهن به قسم جي لاڳاپي کان انڪار ڪيو.ڀارتي ميڊيا موجب اها تصوير هلندڙ سال اپريل يا مئي ۾ نڪتل آهي جڏهن چندر شيکر ضمانت تي جيل کان ٻاهر هو ۽ ٻئي ڄڻا چنئي ۾ چار ڀيرا مليا هئا.جيڪولين فرنينڊس جا ڀتا خور سان گڏ خبرون آڪٽوبر ۾ سامهون آيون هيون جڏهن ته اداڪارا اهڙي خبرن جي ترديد ڪئي هئي.واضح رهي ته هلندڙ سال سيمٽمبر ۾ جيڪولين فرنينڊس کي قانون لاڳو ڪرڻ واري ايجنسي انفورسمينٽ ڊاريڪٽر (اِي ڊي) طرفان ڀتا خوري ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ طلب ڪيو هو

انکان اڳ گذريل مهيني 30 آگسٽ تي ان ئي ڪيس ۾ اداڪارا کي طلب ڪيو ويو هو جتي کانئس لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪن تائين جاچ ڪئي وئي هئي.موجب اهو ڪيس دهلي پوليس جي اقتصادي جرائيم ونگ (اِي او ڊبليو) طرفان سڪيش چندرا شيکر ۽ ٻين خلاف داخل آهي جنهن تي 200 ڪروڙ جي ڀتا خوري جو الزام آهي جڏهن ته چارج شيٽ ۾ جيڪولين کانسواءِ اداڪارا نورا فتحي جو به ذڪر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔