سريلنڪا ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو

ڪولمبو: سريلنڪا جي ڪرڪيٽ بورڊ سيالڪوٽ واقعي بعد لنڪا پريميئر ليگ(ايل پي ايل) ۾ شريڪ پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ ڪوچز جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سريلنڪن ميڊيا موجب پاڪستان جا 9 ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ لنڪا پريميئر ليگ ۾ شريڪ آهن ، جن ۾ محمد حفيظ، محمد عامر، شعيب ملڪ، وهاب رياض، صهيب مقصود شامل آهن. ان کانسواءِ انور علي، محمد عرفان، عثمان شنواري ۽ احمد شهزاد جو به ايل پي ايل سان معاهدو آهي. سريلنڪن بورڊ پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ ڪوچز جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو سيالڪوٽ واقعي بعد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔