سيالڪوٽ واقعي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ واقعي جي جوابدارن کي سزائون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيالڪوٽ واقعي تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ سيالڪوٽ سانحي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سيالڪوٽ سانحي اسان جو ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سيالڪوٽ واقعي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔