ڪوٽڙي : ڪوٽڙي اسٽيشن ويجهو ڪوئلي سان ڀريل مال گاڏي جون ٽي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ريلوي عملدارن موجب حادثي ۾ ريلوي ٽريڪ کي نقصان پهتو آهي، جنهن کان پوءِ اپ ٽريڪ مڪمل طور تي بند آهي، جڏهن ته ڊائون ٽريڪ تي گاڏين جي آمدورفت جاري آهي.ريلوي عملدارن چيو آهي ته ريلوي ٽريڪ جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم جاري آهي، مال گاڏي ڪراچي کان يوسف والا ڪوئلو کڻي وڃي رهي هئي.ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ڪوٽڙي اسٽيشن ويجهو هڪ مال گاڏي حادثي جو شڪار ٿي هئي.
تبصرے بند ہیں۔