پاڪستاني جهنڊي، قائداعظم ۽ اجرڪ جي پينافليڪس سان سينگاريل ٿر آزادي سفاري ٽرين جو صوبائي وزير ثقافت افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي:  صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه ٿر آزادي سفاري ٽرين  جو افتتاح ڪري ڇڏيو سياحت کاتي سنڌ پاران 79هين جشن آزادي جي سلسلي ۾ يوم آزادي ٿر ٽرين سفاري رواني ڪئي وئي، جنهن جو صوبائي وزير ثقافت، سياحت ۽ نوادرات سيد ذوالفقار علي شاهه افتتاح ڪيو.

ٿر آزادي سفاري ٽرين کي اجرڪ، پاڪستاني جهنڊن ۽ قائداعظم جي تصويرن وارن پينا فليڪسن سان سينگاريو ويو آهي. ٽرين حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ کان ٿيندي کوکراپار تائين سفر ڪندي، جتي پرچي جي ڳيڙي اسٽيشن تي آزادي تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي. آزادي ٽرين ۾ 165 مسافر سفر ڪري رهيا آهن، جن ۾ پرڏيهي مسافر به شامل آهن.

ان موقعي تي صوبائي وزير ثقافت، سياحت ۽ نوادرات سيد ذوالفقار علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر آزادي سفاري هميشه مختلف رستن تي هلندي رهي آهي، ڪڏهن موهن جو دڙو ته ڪڏهن ڇور تائين سفر ڪيو ويندو آهي. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته پاڪستان جي آزادي جي موقعي تي خصوصي ٽرين رواني ڪري رهيا آهيون ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير، وزيراعظم ۽ صدر پاڪستان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.

هن چيو ته جتي پاڪستان امن ۽ سلامتي جو ڪردار ادا ڪري ٿو، اتي اسان کي فخر محسوس ٿئي ٿو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته آزادي ٽرين ۾ ملڪ سميت ٻاهرين ملڪن جا سياح به سفر ڪري رهيا آهن، جيڪو سنڌ جي ثقافت کي عالمي سطح تي پروموٽ ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين قدم آهي. سندس چوڻ هو ته ڪينجهر ڍنڍ، ڪوٽڙي پل ۽ سنڌ جي زرعي علائقن جو نظارو ڪندي هي ٽرين ٿر تائين پهچندي.

سيد ذوالفقار علي شاهه وڌيڪ چيو ته ريلوي کاتي جي سهڪار سان سنڌ جي مختلف سياحتي ماڳن ڏانهن ٽرينون هلائڻ جون ڪوششون جاري آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔