ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان 15 آگسٽ تائين ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو الرٽ جاري

اسلام آباد:  نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر(اين اي او سي) امڪاني ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ بابت اڳواٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

اين اي او سي 13 آگسٽ کان 15 آگسٽ تائين امڪاني ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ بابت اڳواٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي انهي دوران دريائن جي مٿانهين علائقن ۾ برسات سبب ٻوڏ جو امڪان به  ظاهر ڪيو ويو آهي.

اين اي او سي ٻڌايو ته مٿانهين علائقن ۾ تيز هوائن، کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي. ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ جي بي ۾ برساتي ۽ جابلو ندي نالن ۾ چاڙهه اچي سگهي ٿي. انهي کان علاوه ڪي پي ڪي ۾ چترال، سوات، شانگله، بٽگرام، اپرولوئر دير، ڪوهستان، ايبٽ آباد ۾ ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي. مانسهره، هري پور، باجوڙ، بونير، ڪرم  اورڪزئي، مردان، صوابي ۽ نوشهره ۾ ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي.

هوڏانهن حويلي، پونچهه ۽ سدهنوتي، گلگت بلتستان ۾ خرمنگ، گهانچي، گلگت، نگر، ديامر، هنزه، غذر، گوپس ياسين ۽ استور ۾ به اوچتو ٻوڏ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. پنجاب، اتر، اوڀر، بلوچستان ۾ برسات سبب جابلو علائقن ۽ برساتي نالن ۾ ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي.

اين اي او سي موجب بلوچستان ۾ موسيٰ خيل، بارکهان، خضدار ۽ ڊيره بگٽي جي جابلو نالن ۾ چاڙهه اچي سگهي ٿي، پنجاب ۾ مري، ڊي جي خان ۽ راجن پور جي جابلو نالن ۾ چاڙهه جو امڪان آهي. انهي کان علاوه 13 کان 15 آگسٽ پنجاب، خيبرپختونخواهه جي ڪجهه شهري علائقن ۾ به ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي.

اين اي او سي وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌو درياءَ ۾ تربيلا، ڪالاباغ، چشمه، گڊو ۽ سکر جي هنڌن تي گهٽ درجي جي وهڪري جو امڪان آهي. راوي درياءَ ۾ بلوڪي ۽ چناب درياءَ ۾ مراله ۽ خانڪي جي هنڌن تي گهٽ درجي جا وهڪرا ٿي سگهن ٿا.

 

تبصرے بند ہیں۔