وفاقي سرڪار 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  وفاقي سرڪار 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي راڻا تنوير حسين چيو ته ايندڙ هفتي ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي انهي باري ۾ حتمي فيصلو ڪندي ته ڪڻڪ جي امپورٽ سرڪاري شعبي ۾ ٿيندي يا پرائيويٽ  سيڪٽر کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي.

راڻا تنوير حسين ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ امپورٽ بابت ايندڙ هفتي فيصلو ٿي ويندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پنجاب 8 لک ٽن، سنڌ 7 لک ٽن ۽ ڪي پي ڪي 5 لک ٽن ڪڻڪ جي ضرورت کان آگاهه ڪيو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔