احتساب عدالتن کان اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻيل ڪرپشن ڪيس ٻيهر نيب عدالتن ڏانهن منتقل

ڪراچي: احتساب عدالت کان اينٽي ڪرپشن ڪورٽس ڏانهن اماڻيل ڪرپشن جا ڪيس ٻيهر نيب عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. نيب پراسيڪيوٽرز جي درخواست تي احتساب عدالت 15 ريفرنسز بحال ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جا ڪيسز اينٽي ڪرپشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو هو  سمورا ڪيس واپس نيب عدالت منتقل ڪرڻ جو چيو هو.

نيب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڪيس بحال ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي. احتساب عدالت 15 مختلف ريفرنسز ۾ نامزد جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو.

ايراضي جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ ڪرپشن ڪيسز ۾ بلوچستان جو صوبائي وزير علي حسن بروهي به نامزد آهي جڏهن ته عدالت سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري ۽ لينڊ يوٽيلائزيشن ميمبر صديق ميمڻ کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت ملير جي اڳوڻي ڊي سي قاضي جان محمد ۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو اعجاز حسين کي به طلب ڪري ورتو. انهي کان علاوه اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائزيشن عبدالقادر ميمڻ ۽ اڳوڻي سيڪشن آفيسر غلام مصطفيٰ کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

احتساب عدالت ٽريزري آفيسر محمد موسيٰ ڪاظمي، اسسٽنٽ ٽريزري آفيسر عبداللطيف کوسو سميت ٻين کي به طلب ڪري ورتو جڏهن ته ميرپورساڪرو جي تپيدار نثار احمد وڳڻ ۽ علي اصغر مينڌرو کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

اڳوڻي مختيارڪار اقبال اعواڻ، ملير جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر قاضي جان محمد ۽ محمد حنيف کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. احتساب عدالت بلڊرز جاويد اقبال ۽ وسيم احمد شيخ سميت ڪيترن ئي روينيو آفيسرن کي به عدالت طلب ڪري ورتو.

 

تبصرے بند ہیں۔