وزيراعظم ڏهه ڊسمبر تي ڪراچي گرين لائن منصوبي جو افتتاح ڪندو: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 10 ڊسمبر تي ڪراچي گرين لائن منصوبي جو افتتاح ڪندو. وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته ڪراچي گرين لائن منصوبي جو افتتاح 10 ڊسمبر تي ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي پهرين جديد ٽرانسپورٽ نظام جو افتتاح ڪندو. ان کان اڳ اسد عمر ٽوئٽ ۾ چيو هو ته ڪراچي گرين لائن منصوبي جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. انشاءَالله ايندڙ 10 ڏينهن ۾ اهو منصوبو ٽرائل آپريشن جي لاءِ تيار هوندو.

تقريبن ٻن هفتن جي ٽرائل آپريشن کان پوءِ 25 ڊسمبر تي ڪمرشل آپريشن جي شروعات ڪئي ويندي. واضح رهي ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ وڌيڪ 40 گرين بسون ڪراچي پهتيون هيون جنهن کان پوءِ هاڻ ڪراچي ۾ ايندڙ گرين بسن جو انگ 80 ٿي ويو آهي.
ڪراچي گرين لائن منصوبي جي لاءِ بسون ڏيندڙ ڪمپني موجب ڪراچي جون بسون لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ هلندڙ بسن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ جديد آهن. هي بسون يورو تهري معيار ۽ هائبرڊ آهن. هنن ۾ ڊيزل سان گڏ خودڪار طريقي سان چارج ٿيندڙ بيٽري به استعمال ٿيندي جنهن سان پيٽرول، ڊيزل جي بچت سان گڏوگڏ ماحول کي به فائدو ٿيندو.
بسن ۾ خاص سسٽم لڳل آهي جيڪو انجڻ ۾ باهه لڳڻ جي صورت ۾ خودڪار طريقي سان باهه وسائيندو. 18 ميٽر ڊگهين بسن ۾ 40 سيٽون آهن. بسن ۾ 150 ماڻهن جي گنجائش آهي. وڌيڪ رش جي صورت ۾ 190 مسافرن جي گنجائش هوندي.
بسن ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ به جڳهه رکي وئي آهي. هر بس ۾ ٻن وهيل چيئرز جي جڳهه رکيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔