پريانٿا مٿان حملو ڪندڙن وٽ پيٽرول جون بوتلون هيون: پوليس جو انڪشاف

سيالڪوٽ: سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري ملازمن جي وحشياڻي تشدد سبب سريلنڪن مئنيجر جي قتل واري جاچ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. پوليس موجب آچر جي موڪل سبب ڊيوٽي مئجسٽريٽ وٽان گرفتار ٿيندڙ 13 مک جوابدارن جو هڪ ڏينهن جو عارضي رمانڊ ورتو ويندو ۽ سومر جي ڏينهن جوابدارن کي گوجرانوالا جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته مئنيجر پريانٿا ڪمارا تي حملو ڪندڙ مڇريل ماڻهن وٽ پيٽرول جون بوتلون به هيون. مئنيجر کي قتل ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن سندس گاڏي کي به نقصان پهچايو. پوليس موجب اهلڪار فيڪٽري ۾ داخل ٿيا ته مڇريل ماڻهو فيڪٽري جي مئنيجر مٿان تشد ڪري رهيا هئا. لاش ٻاهر ڪڍڻ کان پوءِ جوابدارن فيڪٽري کي به باهه لڳائڻ جي منصوبه بندي ڪئي هئي ۽ مڇريل ماڻهن پوليس پارٽي کي به پيٽرول اڇلي باهه ڏيڻ جي به ڌمڪي ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔