پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي لانگ مارچ ۽ استعيفائن بابت سفارشون تيار ڪري ورتيون

اسلام آباد: حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي لانگ مارچ ۽ اسيمبلين مان استعيفائن ڏيڻ بابت سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن.
مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ورچوئل اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽر مير ڪبير، حافظ حمدالله، ڪاشف رندهاوا ۽ ڊاڪٽر جهانگزيب جمالديني شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ لانگ مارچ ۽ مهانگائي مارچ سميت پي ڊي ايم جي ايندڙ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ اسيمبلين مان استعيفائن جي آپشن تي به غور ڪيو ويو ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي لانگ مارچ ۽ استعيفائن بابت سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن.ذريعن موجب اسٽيئرنگ ڪميٽي لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي حمايت ۾ سفارشون تيار ڪيون آهن ۽ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته لانگ مارچ به ٿيڻ گهرجي ۽ استعيفائون به ڏيڻ گهرجن.

ذريعن موجب مارچ کان اڳ چئني صوبن ۾ ڪنوينشن ۽ احتجاجي جلسا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي وقت ۽ تاريخ کي مقرر ڪرڻ جو اعلان پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب اسٽيئرنگ ڪميٽي جون سفارشون سڀاڻي مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيو وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔