ووٽ جي طاقت سان مهانگائي، معاشي تباهي ۽ بيروزگاري جو رستو روڪينداسين: شهباز شريف

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان مهانگائي، معاشي تباهي ۽ بيروزگاري جو رستو روڪينداسين.
پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته اين اي 133 لاهور جي ننڍي چونڊ ۾ عوام ڀرپور طريقي سان حصو وٺندو. عوام ڳالهين، دعوائن ۽ نعرن جي ڌوڪي ۾ نه اچي. ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏنو وڃي. پاڪستان مسلم ليگ(ن) ئي ملڪ ۽ عوام کي ريليف ڏئي سگهي ٿي.
عوام کان اپيل ڪريون ٿا ته هو گهرن مان نڪري پنهنجي ووٽ جي طاقت سان حالتون تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
واضح رهي ته لاهور جي تڪ اين اي 133 ۾ ننڍي چونڊ جاري آهي. جتي پولنگ شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔