سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي آمريڪي ۽ جرمن قونصل جنرل پاران واڌايون

ڪراچي: سموري سنڌ ۾ سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي واري موقعي تي آمريڪي ۽ جرمن قونصل جنرل به ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو.
رپورٽ موجب سنڌ جي سمورن علائقن ۾ ثقافت جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ٻارڙا، پوڙها، نوجوان ۽ عورتن طرفان پنهنجي ثقافت سان محبت جو اطهار ڪيو پيو وڃي. ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي صوبي جي مختلف شهرن ۾ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ پيس ڪلب جي تعاون سان راڳ رنگ جون محفلون مشاعرو ۽ لوڪ گيتن تي رقص جون تقريبون به منعقد ڪيون پيون وڃن.

سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي جرمن قونصل جنرل به ثقافتي هال گرزيگلر جرمني جي جهنڊي جي رنگن تي ٻڌل سنڌي ٽوپي پهرين سنڌي ثقافت ۽ پارڪ جرمن دوستي زنده باد جو پيغام ڏنو.
هوڏانهن آمريڪي قونصل جنرل به سنڌي زبان ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سنڌ صوفين جي زمين آهي جنهن هتي امن قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي سمورن رهواسين کي ثقافتي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيون ٿا.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، دادو، نوابشاهه، پڊعيدن ۽ خيرپور ۾ به ريليون ڪڍيون پيون وڃن جنهن ۾ نوجوان، ٻارڙا، سنڌي اجرڪ ٽوپي پهري شرڪت ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته سنڌي ثقافت جي هڪ خوبصورت سڃاڻپ ٻين شين کان علاوه سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ به آهي. هتي جا رهندڙ مهمانن کي سنڌي، ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏئي پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔