سيالڪوٽ واقعو: پوليس وڌيڪ 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، انگ 132 ٿي ويو

ڪراچي: پوليس سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي, پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ سڪندر، رشيد، احمد شهزاد، زوهيب، محمد ارشاد، سبحان ۽ عمير علي شامل آهن، 7 جوابدارن کي سي سي ٽي وي ۽ موبائل ڪالز ڊيٽا جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس موجب جوابدار سڪندر ڇت تي ماڻهن کي گڏ ڪري پريانٿا ڪمارا کي تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو، جوابدار رشيد ميڙ ۾ شامل هو، جڏهن ته جوابدار احمد شهزاد هي هٿ ۾ ڏنڊو هو

پوليس موجب جوابدار زوهيب تشدد جي رٿابندي ۾ ملوث هو، جڏهن ته حملي ۾ محمد ارشاد، سبحان ۽ عمير علي به شامل هئاجوابدارن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سيالڪوٽ ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جو انگ 132 ٿي ويو آهي

پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين جي جاچ ۾ 26 گرفتار جوابدارن جا مرڪزي ڪردار سامهون آيا آهن، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ آءِ جي پنجاب ڪيس جي جاچ جي مسلسل نگراني ڪري رهيا آهن جڏهن ته وڏي وزير ڪيس جي جاچ جو ٽاسڪ سيڪريٽري پراسيڪيوشن کي ڏئي ڇڏيو آهي

واضح رهي ته 3 ڊسمبر تي اسپورٽس گارمينٽ فيڪٽري جي غير مسلم سريلنڪن مئنيجر پريانٿا ڪمارا کي مذهبي پوسٽر هٽائڻ جي الزام ۾ ماري لاش کي ساڙيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔