رانا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وجھڻ واري درخواست رد

اسلام آباد : رانا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وجھڻ واري درخواست رد ڪئي وئي آھي، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس، گلگت بلتستان رانا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وجھڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، اطھر من درخواست تي ٻڌڻي جي شروعات ۾ وڪيل درخواستگذار کان  استفسار ڪيو تھ اوھان توھين عدالت ڪيس ۾ ڪيئن ڌر بڻجي سگھو ٿا، ان تي وڪيل چيو تھ اڳوڻي چيف جسٽس، ثاقب نثار بابت معلومات رکان ٿو، ان تي جسٽس اطھر من اللھ چيو تھ ان کي ڇڏيو، توھين عدالت ڪيس ۾ تھ عدالت جو پنھنجو معاملو ھوندو آھي

درخواستگذار جي وڪيل راءِ نواز کرل استدعا ڪئي تھ رانا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي يا ھُن کي پاسپورٽ سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ان تي چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ چيو تھ ھي حۡومت جو ڪم آھي ان تي عدالت جو ڪم تھ نھ آھي

عدالت درخواستگذار جي وڪيل جي دليلن تي درخواست ٻڌڻي جوڳي ھجڻ  بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت رانا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وجھڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔