ميانمار جي عدالت آنگ سان سوچي کي 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي : ميانمار جي عدالت آنگ سان سوچي کي 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي، غيرملڪي ميڊيا موجب ميانمار حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ آنگ سان سوچي کي ڪورونا وائرس متعلق قانونن جي ڀڃڪڙي تي4 سال تائين جيل ۾ قيد رکڻ جي سزا ٻڌائي وئي آھي

حڪومتي ترجمان موجب عدالت سوچي کي ٻن الڳ ڪيسن ۾ 2، 2 سال سزا ٻڌائي آھي، حڪومتي ترجمان جو چوڻ آھي تھ ميانمار جي اڳوڻي صدر ون مائنٽ کي بھ ان ئي الزامن تي چار سال سزا ٻڌائي وئي آھي

حڪومتي ترجمان موجب سوچي ۽ مائنٽ خلاف ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ سوچي کي سزا ٻڌائڻ بعد فوري طور جيل ۾ نھ موڪليو ويندو ۽ ھن وقت تائين اھو واضح ناھي ٿي سگھيو تھ انھن کي جيل ۾ رکيو ويندو

واضح رھي تھ ميانمار ۾ پھرين فيبروري تي ٿيل فوجي بغاوت بعد سوچي کي گرفتار ڪيو ويو ھو، 76 ورھين جي سوچي خلاف ڪرپشن سوڌو 11 ٻيا بھ ڪيسز قائم آھن، جن مان سوچي بي بنياد قرار ڏئجي چڪي آھي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔