ينگ ڊاڪٽرن جا جائز مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ هاڻي به تيار آهيون: عبدالقدوس بزنجو

ڪوئيٽا: بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته ينگ ڊاڪٽرن جا جائز مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ هاڻي به تيار آهيون

ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قدوس بزنجو چيو ته بلوچستان جو ڪو به اهڙو وڏو وزير اڃا تائين ناهي آيو آهي جيڪو روڊن، رستن ۽ گهٽين جو دورو ڪري صفائي جي صورتحال جو معائنو ڪيو هجي، حلف کڻڻ کان اڳ هو ڪوئيٽا ۾ صفائي جي صورتحال ڏسڻ لاءِ نڪتو هو

هن چيو ته بدقسمتي سان ايڊمنسٽريٽرن ۽ اسٽاف جون پگهارون ٽن سالن کان روڪيون ويون، جنهن جي ادائيگي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن

وڏي وزير چيو ته اسان ينگ ڊاڪٽرز جا جائز مطالبا مڃڻ لاءِ اڃا به تيار آهيون، اسان ينگ ڊاڪٽرن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ساڻس ملاقات ڪئي هئي، ان باوجود هنن هڙتال ڪري ريلي ڪڍي ۽ ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔