ڪراچي ۾ مبينا مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي سيڪٽر اليون منگل بازار وٽ مبينه مقابلي ۾ 2 جوابدار مارجي ويا ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته 6 جوابدارن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ 2 مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 3 فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ شهري کي هٿ ۾ گولي لڳي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔