پاڪ- ڀارت بارڊر تي ڄاول ٻار جو نالو ”بارڊر“ رکيو ويو

ڪراچي: پاڪ-ڀارت واهگا اٽارني بارڊر تي ڦاٿل پاڪستاني جوڙي پنهنجي ٻار جي ڄمڻ تي ان جو نالو بارڊر رکي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب نمبو بائي ۽ بالم رام جو تعلق پنجاب جي شهر راجن پور سان آهي. بالم رام ڀارتي ميڊيا کي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هو لاڪ ڊائون کان اڳ ٻين 89 شهرين سان گڏ پنهنجي مائٽن سان ملاقات ڪرڻ کان علاوه ياترا تي ڀارت آيو هو

هن چيو ته هو پنهنجي ملڪ پاڪستان واپسي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هو گهربل دستاويز نه هجڻ سبب في الحال گهر نه وڃي سگهيو آهي. بالم رام موجب 2 ڊسمبر تي بارڊر تي ئي کيس هڪ ٻار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو پڻ ’بارڊر‘ رکيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔