خيبرپختونخواهه ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ وهڪرن تباهي مچائي ڇڏي، 12 ڄڻا فوت، عوام کي سياحتي هنڌ جو رخ نه ڪرڻ جي اپيل

پشاور:  خيبرپختونخواهه ۾ گذريل 48 ڪلاڪن جي دوران ٿيل تيز برسات ۽ فليش فلڊ جي نتيجي ۾ گهرن جون ڇتون، ڀتون ڪرڻ ۽ ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي وڃڻ سبب هينئر تائين 12 ڄڻا فوت جڏهن ته 18 زخمي ٿي پيا آهن.

پي ڊي ايم اي ترجمان موجب گڏيل طور تي فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ 5 مرد، 5 ٻار ۽ 2 عورتون جڏهن ته زخمين ۾ 10 مرد، 4 عورتون ۽ 4 ٻار شامل آهن. تيز برسات ۽ فليش فلڊ سبب گڏيل طور تي 18 گهرن کي نقصان پهتو جنهن ۾ 15 گهر جزوي جڏهن ته 3 گهر مڪمل طور تي پٽ پئجي ويا. حادثا صوبي جي مختلف ضلعن پشاور، نوشهره، خيبر، مردان، بونير، باجوڙ، چترال، لوئر دير، لوئر ۽ اپر، ايبٽ آباد، مانسهره، تورغر، ڪرم ۽ اتر وزيرستان ۾ پيش آيا.

پي ڊي ايم اي، ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا پاڻ ۾ رابطي ۾ آهن ۽ امدادي سرگرميون جاري رکندي پيا اچن. پي ڊي ايم اي طرفان متاثر ضلعي انتظاميه کي متاثرين کي جلد امدادي سامان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پي ڊي ايم اي طرفان ضلعي انتظاميه کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ ۽ متاثرين کي فوري مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. صوبي جي سمورن دريائن ۽ ندي نالن ۾ پاڻي جي سطح ۽ وهڪرا معمول موجب آهن. ترجمان موجب تيز برسات جو اهو سلسلو 23 جولاءِ تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي اڳ ئي سموري ضلعي انتظاميه کي الرٽ رهڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.

عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي بنا ڪنهن سبب جي سفر کان پاسو ڪن ۽ حساس سياحتي هنڌ جو رخ نه ڪن، حڪومتي ادارن طرفان الرٽس ۽ ايڊوائزري تي عمل ڪيو وڃي. پي ڊي ايم اي جو ايمرجنسي آپريشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي. عوام ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي اطلاع، موسمي صورتحال کان آگاهي ۽ ڄاڻ جي لاءِ فري هيلپ لائين 1700 تي رابطو ڪري.

 

تبصرے بند ہیں۔